عبدالواحد هاليپوٽو

عبدالواحد هاليپوٽو: نامور تعليمدان عبدالواحد ولد جيئندو خان هاليپوٽو، 1 جنوري 1917ع تي ڳوٺ گل محمد هاليپوٽو، نصرپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان؛ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم ڳوٺ جي مدرسي جي مسجد اسڪول مان؛ سيڪنڊري تعليم اين. ايڇ. اڪيڊمي هاءِ اسڪول نول راءِ اڪيڊمي حيدرآباد مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان، انٽر ڊي. جي. نيشنل ڪاليج ڦليلي ڪاري موري، بي. اي آنرز اسماعيل يوسف ڪاليج جڳيشوري بمبئي، ايم. اي عربيءَ ۾، ڊي. فل آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ برطانيا مان ‘شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي سوانح ۽ افڪار’ جي موضوع تي ڪئي. جنهن جو سنڌي ترجمو سومار علي سومري ڪيو ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.
عبدالواحد هاليپوٽو 1930ع کان 1940ع تائين اسماعيل يوسف ڪاليج جڳيشور بمبئيءَ جي مسجد ۾ اعزازي خطيب رهيو. 1940ع ڌاري بهاءُ الدين ڪاليج جڳيشوريءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1943ع ڌاري سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربيءَ ۽ فارسي ٻولين جو ليڪچرار رهيو. 1945ع ڌاري سينٽ ڪيٿرين سوسائٽي ڪاليج آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلنڊ جو عربي ۽ فارسيءَ جو ليڪچرار رهيو. 1963ع کان 1969ع تائين شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جو ڊائريڪٽر رهيو. 1964ع کان 1972ع تائين سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جو پروفيسر ۽ هيڊ آف فارسي ڊپارٽمينٽ رهيو. 1972ع کان 1976ع تائين 22 گريڊ ۾ اسپيشل ميرٽ گريڊ اسڪالر طور يونيورسٽيءَ ۾ هن پڙهايو. 1973ع کان 1983ع تائين پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ڪلچر اسلام آباد جي ريسرچ پروگرامن بابت صلاحڪار رهيو. 1986ع کان 1988ع تائين اسلامي نظرياتي ڪائونسل اسلام آباد جو چيئرمئن کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جو ميمبر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي صلاحڪاري ڪميٽيءَ جو ميمبر، پاڪستان جي تاريخي رڪارڊ آرڪائيوز ريسرچ سينٽر ڪميشن جو ميمبر، نيشنل ڪميشن ڪوآپريشن يونيسڪو جو ميمبر، پاڪستان ۽ لبيا ڪاميٽيءَ پاران اسلامڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ بابت ميمبر، پاڪستان جي آئين ۾ عربيءَ جي ٺهڻ بابت ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن، 1975ع ۾ خطابات ڪميٽي اسلام آباد جو چيئرمئن، مذهبي معاملن جي وزارت پاڪستان جو ميمبر، اوقاف کاتي جي صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهيو.
عبدالواحد هاليپوٽو، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد پاران نڪرندڙ ريسرچ جرنل جو 1963ع کان 1968ع تائين ايڊيٽر پڻ رهيو. هي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ شاگردن جو نگران پڻ رهيو. هن لنڊن، آمريڪا، سعودي عرب، فرانس، جاپان، ٿائيلينڊ، هانگ ڪانگ وغيره ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ۽ ريسرچ مقالا پڙهيا. ان کان سواءِ هن ملائيشيا، ڪيناڊا، مصر، شام، عراق، ايران، ترڪي، لبنان، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش جا مطالعاتي دورا ڪيا. سندس رهنمائيءَ ۾ ڪيترن ئي پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جن ۾ عبدالرشيد، عبدالقدوس، قاضي محمد علي، اسلم کوکر قابل ذڪر آهن.
عبدالواحد هاليپوٽي نامور عالمن مولانا عبيدالله سنڌي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، علامه دائودپوٽي وٽ تعليم پرائي هئي. سندن شاگردن ٿي رهيو. هن 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي. سندس گهر واريءَ امينا هاليپوٽو ناليواري تعليمدان رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.01.01  عيسوي

نامور تعليمدان عبدالواحد ولد جيئندو خان هاليپوٽو، 1 جنوري 1917ع تي ڳوٺ گل محمد هاليپوٽو، نصرپور ۾ پيدا ٿيو.


2001.02.05  عيسوي

عبدالواحد هاليپوٽي 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنتو ڀڳت
بشير احمد
پروفيسر هاسانند جادوگر
ٿامس ايڇ ويلر
تان سين
طارق خشڪ
ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو
سيد قاسم محمود
حڪيم غلام محمد شاهاڻي
درويش سليمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون